ڪميٽي لاءِ در کليل آهن، استعيفا جا گهڻا سبب اڃا ظاهر ناهن ڪيا: آريسر

وڪي اخبار کان

Cautionهن خبر ۾ حوالا يا ذريعا نه لکيا ويا آهن تنهنڪري هي خبر تڪراري ليکبي، هي نوٽيس ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته حوالا لکيا وڃن ته خبر ڪٿان کنئي وئي.


جيئي سنڌ هلچل جي باني، سائين جي ايم سيد جي ويجهي ساٿي ۽ جسقم جي اڳوڻي چيئرمين عبدالواحد آريسر، بشير خان قريشي جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ ساڻس ڳالهين لاءِ جوڙيل ٽه رڪني ڪميٽي واري فيصلي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته بشير خان قريشي سان سندس اختلاف زمين يا ڪنهن بنگلي تي ناهن، مون اڃان استعيفيٰ جي مک سببن بابت ڳالهيون ظاهر نه ڪيون آهن، ڳالهيون تمام گهڻيون رهيل آهن، باقي جيڪڏهن ڪميٽي جا دوست ڳالهين لاءِ ايندا ته اوطاق ۽ دل جا در سندن لاءِ اڳ جيان کليل رهندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ آريسر چيو ته منهنجي استعيفيٰ بابت فيصلو اداري کي ڪرڻو هو پر گڏجاڻي کان اڳ ۾ بشير خان قريشي منهنجي موقف کي پاڻمرادو رد ڪري ڇڏيو. آريسر واضع ڪيو ته استعيفيٰ هن احتجاجي طور تي ڏني آهي، جيڪڏهن پارٽي ۽ ادارا فعال ڪردار ادا ڪن ها ته هو ائين استعيفيٰ نه ڏئي ها، جسقم جي اڳوڻي چيئرمين چيو ته اڄ به ادارا فعال ڪردار ادا ڪن ته هو سيد جي فڪر لاءِ جان ڏيڻ وارو جذبو رکي ٿو، هاڻ ته صورتحال اها آهي جو پير جي ڳوٺ جي هڪ دوست جي ايئرڪنڊيشن ڪار ۾ ويهي فيصلا ٿين ٿا، هو پارٽي ۾ ان رويي جو مخالف آهي.

هن بشير خان قريشي سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن بشير خان ڪنهن به ٽي وي چينل يا سنڌ جي ڪن به ٽن صحافين جن کي هو بهتر سمجهي ٿو تن سامهون ڳالهيون ڪري ته آئون ان مناظري ۾ اچڻ لاءِ تيار آهيان. هڪ سوال تي هن چيو ته جسقم بشير خان نه پر مون ٺاهي هئي ڪارڪن پيدا ڪرڻ ۾ مون وڏي جاکوڙ ڪئي آهي.