ڪوئٽا کان راولپنڊي ويندڙ ٽرين مان پنج بم هٿ ڪيا ويا، پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪئي

وڪي اخبار کان

ڪوئٽا کان راولپنڊي ويندڙ جعفر ايڪسپريس مان پوليس ڳجهي اطلاع تي پنج بم برآمد ڪري ورتا. پوليس مطابق ڳجهي اطلاع تي بروقت ڪاروائي ڪري تخريبڪاري جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو آهي.

پوليس ڳجهي اطلاع تي ٽرين جي بوگي نمبر ٽي مان پنج بم هٿ ڪري ورتا. ان وقت ٽرين راولپنڊي وڃڻ لاءِ تيار بيٺي هئي.

پوليس هڪ شڪي همراهه نالي فياض حسين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته هڪ ٻي شخص وٽان چرس برآمد ڪيو ويو ان جي ٿيلهي تي هڪ حساس اداري جو نالو لکيل هو.

ذريعا