ڪوئٽه ڀرسان مسافر ٽرين تي حملو، راڪيٽ فائر ٽرينون بيهجي ويون

وڪي اخبار کان

19 آڪٽوبر 2006

ڪوئٽه کان 65 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف مچ ڀرسان هڪ مسافر ٽرين تي هڪ راڪيٽ سميت فائرنگ ڪئي وئي، ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع نه آهي جڏهن ته ٽرينون بيهجي ويون.

ذريعن مطابق چلتن ايڪسپريس لاهور کان اچي رهي هئي ته ان وقت هڪ راڪيٽ فائر ڪيو ويو ۽ فائرنگ پڻ ڪئي وئي.

چيو ويو آهي ته حملو ڪندڙ قبائلي هئا، ياد رهي ته نواب اڪبر بگٽي جي قتل کان پوءِ بلوچستان جي صورتحال ۾ وڌيڪ خرابي پيدا ٿي وئي آهي.

ذريعا