ڪوئٽه ۾ گيس پائپ لائن ۾ ڌماڪو، گيس جي فراهمي متاثر

وڪي اخبار کان

ڪوئٽه ۾ نامعلوم ماڻهن گيس پائپ لائن کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو جنهن ڪري بروري جي علائقي کي گيس جي فراهمي معطل ٿي ويئي. پوليس جي چوڻ مطابق بولان ميڊيڪل ڪامپليڪس ڀرسان گذرندڙ پائپ لائن کي ڌماڪي سان اُڏايو ويو آهي، واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.

چار انچ قطر جي ان پائپ لائن جي مرمت جي حوالي سان چيو ويو آهي ته صبح جو سيڪيورٽي جي اجازت کان پوءِ ئي اُتي ڪم شروع ڪيو ويندو. چيو پيو وڃي ته ڌماڪو ڪندڙن ۽ سيڪيورٽي وچ ۾ جهڙپ به ٿي آهي جنهن ۾ پڻ ڪنهن جي گرفتاري يا زخمي ٿيڻ جا اطلاع نه آهن. جڏهن ته سرڪاري طور ان ڳالهه جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.

ذريعا