ڪوبه القائده ڪارڪن باجوڙ ايجنسي ۾ نه ماريو ويو آهي، ميجر جنرل شوڪت سلطان
ڏيک
30 آڪٽوبر 2006
پاڪستاني فوج جي ترجمان چيو آهي ته باجوڙ ايجنسي واري حملي ۾ ڪوبه القائده ڪارڪن نه ماريو ويو آهي. اتي مارجي ويل سمورا مقامي ماڻهو هئا ۽ ڪجهه پرڏيهي پڻ ان ۾ شامل هئا.
شوڪت سلطان وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ ڪوبه ٻار يا عورت ان واقعي جو شڪار نه ٿيو آهي. مارجي ويل سمورا ماڻهو 20 کان 30 سالن جي عمر جا هئا.