ڪڇي ڪينال تي ڪم ڪندڙ پورهيتن تي ڇهه راڪيٽ فائر، ٻه ماڻهو زخمي

وڪي اخبار کان

24 نومبر 2006

ڪڇي ڪينال تي ڪم ڪندڙ پورهيتن تي نامعلوم هٿياربندن ڇهه راڪيٽ فائر ڪيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پورهيت زخمي ٿي پيا ۽ ڪم بند ڪري ڪيمپ واپس پهچي ويا.

ذريعن مطابق ان وقت پورهيت ڪڇي ڪينال تي ڪم رهيا هئا ته ڇهه راڪيٽ فائر ڪيا ويا. ان حملي جي نتيجي ۾ چار ٽريڪٽر پڻ تباه ٿي ويا آهن.

ليويز ۽ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا، ڪنهن به گروپ ان واقعي جي ذميواري نه قبولي آهي. ايجنسيون وڌيڪ تحقيقات ڪري رهيون آهن.

ذريعا