گذريل نَو مهينن دوران پاڪستان ۾ 5800 کان وڌيڪ ماڻهن خودڪشيون ڪيون، رپورٽ

وڪي اخبار کان

23 آڪٽوبر 2006

پاڪستان ۾ سال جي شروعات کان نائين مهيني پوري ٿيڻ تائين 5800 ماڻهن بيروزگاري ۽ غربت کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي. اهڙي رپورٽ لاير ڪاميٽي آف هيومن رائٽس وارن پڌري ڪئي.

جنوري 2006ع کان سيپٽمبر 2006ع تائين 483 جي حساب سان ماهوار خودڪشيءَ جي سراسري رهي. ان کان علاوه 5282 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 3100 ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو يا جنسي طور حراسان ڪيو ويو.

روزانه ملڪ ۾ 2500 موبائل ۽ 300 گاڏيون ڦرجي وڃن ٿيون. صرف ڪراچي ۾ 500 موبائل ۽ 50 کن گاڏيون روزانه ڦرجن ٿيون.

ذريعا