گرامين بينڪ ۽ ان جي باني محمد يونس کي امن جو نوبل انعام، بنگلاديش ۾ خوشيءَ جي لهر

وڪي اخبار کان

گرامين بينڪ ۽ ان جي باني محمد يونس امن جو نوبل انعام ماڻي ورتو آهي. هن کي اهو ايوارڊ سندس بينڪ جي غربت جي خاتمي وارين ڪوششن سبب ڏنو ويو جنهن جي ذريعي بينڪ ماڻهن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ ننڍا قرض مهيا ڪري ٿي.

محمد يونس جو ان باري ۾ چوڻ هو ته بنگلاديشي هجڻ تي کيس فخر آهي ۽ سندس محنتن کي هاڻ دنيا پڻ تسليم ڪيو آهي.

گرامين بينڪ 1976ع ۾ قائم ٿي ۽ اڄ گرامين بينڪ مان سٺ لک کان وڌيڪ ماڻهو قرض کڻن ٿا. قرض جو طريقو پڻ انتهائي آسان آهي ڪي به پنج عورتون گڏجي اهو قرض کڻي سگهن ٿيون. چيو وڃي ٿو ته قرض کڻندڙن ۾ 96 سيڪڙو عورتون شامل آهن.

ذريعا