گوادر مان مقامي ماهيگيرن کي بيدخل ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي، پريس ريليز

وڪي اخبار کان

23 نومبر 2006

فشر فوڪ فورم گوادر يونٽ جي اڳواڻ ڪي بي بلوچ تنظيم جي مرڪزي اڳواڻ محمد علي شاه سان ملاقات دوران چيو آهي ته بلوچستان جي علائقي گوادر ۾ صدين کان آباد بلوچ ماهيگيرن کي بيدخل ڪرڻ جي سارش رٿي وئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته گوادر جي ترقي واري ماسٽر پلان جي آڙ وٺي ماهيگيرن جي بيدخلي لاءِ راه هموار ڪئي پئي وڃي. گوادر ۾ رهائشي منصوبن جهڙوڪ گراب هائوسنگ اسڪيم ۽ نيون ٽائون اسڪيمن ۾ ماهيگيرن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.

پلاٽن جون قيمتون 5 لک کان وڌيڪ رکيون ويون آهن جن کي امير طبقي جا ماڻهو ئي خريد ڪري سگهن ٿا جنهنڪري هڪ لک کان وڌيڪ ماهيگيرن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي خدشو اهو آهي ته ماهيگيرن کي گوادر کان پري ڪنهن علائقي ۾ ڦٽي ڪيو ويندو.

ذريعا