گورنر جي آئيني ڀڃڪڙين ڪرڻ وارن عملن کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان، سيمينار ۾ فيصلو

وڪي اخبار کان
فائل:SDF sindh.jpg
سيمينار ۾ شريڪ مهمان (فوٽو: هلچل)

12 نومبر 2006

سنڌ جي سياسي، سماجي، مذهبي، وفاقي ۽ سنڌ دوست ڌرين توڙي دانشورن، ماهرن گڏيل طور سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جي مالڪي بحال ڪرڻ جي گهر ڪندي پاڻي ۽ ناڻي جي ورڇ تي وفاق سان ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو آهي. سيمينار جي ميزباني سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم ڪئي.

سيمينار ۾ اعلان ڪيو ويو ته گورنر طرفان ڪيل آئيني ڀڃڪڙين ڪرڻ واري عمل کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويندو. وفاق کان اهو مطالبو به ڪيو ويو ته 1991ع واري پاڻي معاهدي تي عمل نه ٿيڻ ڪري سنڌ جي زراعت ۽ معيشت کي پهتل نقصان سنڌ کي ڀري ڏنو وڃي.

سيمينار ۾ محمد ابراهيم جويو، الاهي بخش سومرو، ڊاڪٽر رجب ميمڻ، ڊاڪٽر سليمان شيخ، يوسف مستي خان، سراج الحق ميمڻ، نظير ميمڻ، قيصر بنگالي، نثار کهوڙو، حاڪم علي زرداري سميت وڏي تعداد ۾ سياسي شخصيتن ۽ ماهرن شرڪت ڪئي.

مختلف شخصيتن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي ماڻهن جي راءِ وٺڻ کان سواءِ سنڌ جون ملڪيتون نيلام ڪيون پيون وڃن. انهن سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌين کي سمورا اختلاف وساري هڪ ٿيڻ گهرجي. ڌرتي ڌڻين کي انتهائي خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو.

ذريعا

روزانه هلچل حيدرآباد