گوگل ڊاٽ ڪام ”يو ٽيوب“ 1.65 ارب ڊالرن ۾ خريد ڪري ورتي

وڪي اخبار کان

دنيا جي مشهور سرچ انجن گوگل، تفريحي وڊيو فراهم ڪندڙ ويب سائٽ ”يو ٽيوب“ کي 1.65 ارب ڊالرن ۾ خريد ڪري ورتو آهي. يو ٽيوب جي شروعات صرف 19 مهينا اڳ ٿي ۽ ماهوار سائٽ تي ايندڙن جو تعداد لڳ ڀڳ سٺ ڪروڙ ٻڌايو ويو آهي.

يو ٽيوب تي ڪوبه پنهنجا وڊيو لڳائي سگهي ٿو جنهن کي ڪوبه ڏسي سگهي ٿو. يو ٽيوب کي خريد ڪرڻ باوجود گوگل پنهنجي وڊيو سروس جاري رکندو. هيستائين يو ٽيوب تي ڏهه ڪروڙ ڪلپ گڏ ٿي چڪا آهن.

ذريعا