گڏيل قومن جو ڏينهن

وڪي اخبار کان

گڏيل قومن جو ڏينهن ۽ تاريخ....رپورٽ: زبير زرار منگي...

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ گڏيل قومن جي قيام جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، 43 سال اڳ 24 آڪٽوبر 1945 ۾ گڏيل قومن جو ادارو وجود ۾ آيو. 28 جولائي 1914 تي يورپ ۽ آفريڪا کنڊ ۾ شروع ٿيل پهرين مهاڀاري جنگ دنيا ۾ تباهي مچائي ڇڏي، لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. 18 نومبر 1918 تي پهرين مهاڀاري جنگ جو خاتمو ٿيو، جنهن بعد انگلستان، جرمني، فرانس ۽ ٻين ملڪن پاران1 جنوري 1920 ۾ ليگ آف نيشن جي نالي سان تنظيم جوڙي وئي، جنهن ۾ 28 اتحادي ۽ 13 اڻ ڌريا ملڪ شامل هئا. ليگ آف نيشن جوڙڻ جو مقصددنيا ۾ جنگ جي واقعن کي روڪڻ، انسان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي معيار کي بهتر بڻائڻ، عورت ۽ مرد کي برابري جا حق ڏيارڻ ۽ ڪنهن به ملڪ کي ٻئي تي اڳرائي ڪري حملو ڪرڻ کان روڪڻ توڙي خطرناڪ هٿيارن جي خاتمي لاءِ ڪوششون وٺڻ هو.

ليگ آف نيشن ۾ برطانيا، فرانس، جرمني، جاپان ۽ اٽلي سميت دنيا جا 51 ملڪ شامل هئا.

1 سيپٽمبر 1936 ۾ ٻئي مهاڀاري جنگ جي شروعات ٿي ، جنهن کي ليگ آف نيشن روڪڻ ۾ ناڪام وئي ۽ يورپ، اوڀر اتر ايشيا، آمريڪا ۽ آفريڪا کنڊ جي 61 ملڪن ۾ جنگ شروع ٿي وئي، جيڪا دنيا جي 80 سيڪڙو آبادي هئي. ٻئي مهاڀاري جنگ دوران امريڪا جاپان جي ٻن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪيرايا، جنگ سبب لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا ۽ ڪروڙين زخمي ٿيا، جڏهن ته لکين فيڪٽريون ۽ ڪروڙين گهر تباهه ٿيا. ٻئي مهاڀاري جنگ کي روڪڻ لاءِ آمريڪي ۽ برطانوي حڪمرانن ونسٽن چرچل ۽ فرينڪلن روز ويلٽ جي صلاح مشوري بعد 25 اپريل 1945 کان 26 جون 1945 تائين امريڪي شهر سان فرانسسڪو ۾ 50 ملڪن جي نمائندن جي هڪ ڪانفرنس ٿي، ان ڪانفرنس ۾ هڪ عالمي اداري جي قيام تي غور ڪيو ويو ۽ يونائيٽيڊ نيشن يعني گڏيل قومون جي نالي سان هڪ منشور جوڙيو ويو، ان منشور موجب ٻي مهاڀاري جنگ جو خاتمو، ايندڙ نسلن کي جنگ جي لعنت کان بچائڻ، انسانن جابنيادي حق ۽ انسان جي عزت، سماجي، سياسي ۽ معاشي حيثيت بحال ڪرڻ، مرد ۽ عورت کي برابر حق ڏيڻ، ننڍين وڏين قومن کي برابر حق ڏيڻ شامل هيو. گڏيل قومن جي وجود ۾ اچڻ بعد 2 سيپٽمبر 1945 تي ٻي مهاڀاري جنگ جو خاتمو آندو ويو ۽ دنيا ۾ صلح ڪرايو ويو. گڏيل قومون 6 حصن تي مشتمل آهي، جن ۾ جنرل اسيمبلي، سلامتي ڪائونسل، اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل، ٽرسٽي شپ ڪائونسل، عالمي عدالت ۽ سيڪريٽريٽ شامل آهن، گڏيل قومن جو هيڊڪوارٽر امريڪي شهر نيويارڪ ۾ آهي ۽ ٻين ادارن جون آفيسون جنيوا، ويانا، نيروبي ۽ دي هيگ ۾ قائم آهن، جڏهن ته گڏيل قومن جون شاخون دنيا جي هر ملڪ ۾ قائم ڪيون ويون آهن. گڏيل قومن جون 6 آفيشل ٻوليون آهن، جن ۾ انگريزي، عربي، فرينچ، جرمني، رشين ۽ اسپينش شامل آهن، جڏهن ته سيڪريٽريٽ جو ڪم ڪار انگريزي ۽ فرينچ ٻولين ۾ ڪيو ويندو آهي. پاڪستان 30 سيپٽمبر 1947 ۾ گڏيل قومن جو ميمبر بڻيو ۽ هن وقت گڏيل قومن جا 192 ملڪ ميمبر آهن، 2000 ۾ گڏيل قومن جي 192 ميمبرن يونائيٽيڊ نيشن ملينيم ڊڪليئريشن تي صحيحون ڪيون، جنهن کي ملينيئم ڊولپمينٽ گول اچيومينٽ سڏيو ويندو آهي، جنهن موجب 2015ع تائين دنيا مان غربت، بک، بدحالي، بيروزگاري، ناخواندگي، سماجي ۽ جنسي اڻ برابري ۽ وبائي بيمارين جو خاتمو آڻي، دنيا ۾ امن ۽ استحڪام آندو ويندو.