”ڪشمير ڪي پڪار“ نالي ڪتاب تي پاڪستان طرفان پابندي، ڪاپيون ضبط ڪرڻ جو حڪم

وڪي اخبار کان

30 آڪٽوبر 2006

پاڪستان جي سرڪار هڪ ڪتاب ”ڪشمير ڪي پڪار“ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي ۽ ان جون سموريون ڪاپيون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان سان گڏ ڪتاب جي پبلشر تي ايڪشن کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪتاب تي پابندي هڪ سرڪاري نوٽيس ذريعي هنئي وئي. چيو ويو آهي ته کليل مارڪيٽ ۾ موجود سموريون ڪاپيون ضبط ڪيون وينديون. ڪتاب تي ”مس انفرميشن“ جو الزام لڳايو ويو آهي.

ڪتاب ”ڪشمير ڪي پڪار“ جو ليکڪ هڪ پاڪستاني عارف ملڪ ٻڌايو ويو آهي جيڪو ميرپور جو رهواسي آهي.

ذريعا