26/نومبر/2008

وڪي اخبار کان

ممبئي بم ڌماڪا- 100 ڄڻا مارجي ويا...رپورٽ: زبير زرار منگي

ڀارتي شهر ممبئي ۾ بم حملن ۽ فائرنگ وارن واقعن ۾ 5 اعلى پوليس عملدارن ۽ 11 اهلڪارن سميت 100 ڄڻا مارجي ويا ۽ 900 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، فوجي ڪارروائي دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 9 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي جي دَڪن مجاهدين نالي تنظيم ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. مهاراشٽر سرڪار موجب شهر جي 16 مختلف هنڌن سميت 2 هوٽلن تي هٿياربندن هڪ منظم منصوبي تحت فائرنگ ۽ بم ڌماڪا ڪري تاج محل ۽ اوبراءِ هوٽلن تي قبضو ڪري ڪيترن ئي پرڏيهي شهرين کي يرغمال بڻائي ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ شهر ۾ سخت خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي. ممبئي پوليس موجب ڌماڪن ۽ فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 82 ماڻهو مارجي چڪا آهن، جڏهن ته آزاد ذريعا مارجي ويلن جو انگ 100 کان وڌيڪ ٻڌائي رهيا آهن. ڀارتي ميڊيا ۽ اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته 6 سئو کان وڌيڪ زخمين کي شهر جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، آزاد ذريعن جو چوڻ آهي ته 9 سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. مهاراشٽر رياست جي چيف سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته ڌماڪن ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ مارجي ويلن جو انگ هڪ سئو کان وڌي سگهي ٿو. ممبئي شهر ۾ ڌماڪن ۽ فائرنگ وارن واقعن کانپوءِ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو. ممبئي پوليس ڄاڻايو آهي ته هٿياربندن رات جو 10هين وڳي شهر جي 11 مختلف هنڌن تي فائرنگ ۽ بمن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن سبب شهر ۾ سخت خوف ۽ هراس واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن بعد پوليس متاثر علائقن کي گهيري ۾ آڻي سمورا روڊ ۽ رستا بند ڪري ڇڏيا. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن سڀ کان پهريان شهر جي مصروف ريلوي اسٽيشن سِي اَيس ريلوي تي ڌماڪو ڪيو، جنهن بعد ڪيفي ليپرز، تاج محل ۽ اوبراءِ هوٽل تي گرنيڊ اڇلايا ۽ فائرنگ ڪئي. پوليس موجب دهشتگردن مشين گن ۽ دستي بم سميت جديد هٿيارن سان حملو ڪيو. هٿياربندن اوبراءِ هوٽل ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ۽ هٿياربندن هوٽل ۾ موجود ڪيترن ئي پرڏيهي شهرين ۽ اسيمبلي ميمبرن کي يرغمال بڻائي ورتو. دهشتگردن تاج هوٽل جي 12 ماڙ تان پنج گرنيڊ هيٺ اڇلايا، جنهن سبب هوٽل کي باهه وڪوڙي وئي. پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ دوران ممبئي پوليس جا 5 اعليٰ سطحي عملدارن سميت 11 پوليس اهلڪار مارجي ويا، جن ۾ دهشتگردي ٽوڙ اسڪواڊ جو سربراهه هيمنٿ ڪُرڪُرَي، اِنڪائونٽر اسپيشلسٽ وِجَي سالڪي ۽ ممبئي جو ايڊيشنل پوليس ڪمشنر اشوڪ ڪامِٽَي ۽ ٻيا شامل آهن. فوج تاج محل ۽ اوبراءِ هوٽل ۾ موجود هٿياربندن کان يرغمالين کي ڇڏائڻ لاءِ گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا ڄاڻايو آهي ته فوج ڪمانڊو آپريشن ڪري تاج هوٽل مان 300 ڄڻن کي باحفاظت نموني ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. واقعن کانپوءِ ڀارت جي سمورن شهرن کان ممبئي ايندڙ سمورن ٽرينن کي روڪيو ويو ۽ اڏامون پڻ روڪيون ويون. ممبئي انتظاميا دهشتگردي جي وڌيڪ ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ سمورا رستا بند ڪري شهرين کي گهرن اندر رهڻ جي هدايت ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته اوبراءِ هوٽل مان 10 لاش هٿ ڪري انهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعن بعد علائقن ۾ شروع ڪيل آپريشن دوران 9 هٿياربندن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان ٽن کي اوبراءِ هوٽل جي حد مان گرفتار ڪيو ويو آهي. ممبئي پوليس موجب دهشتگردن سان مقابلي ۾ 5 هٿياربند مارجي ويا آهن، جڏهن ته پوليس پاران هٿياربندن جو ڪنهن تنظيم سان يا گروپ سان تعلق ظاهر نه ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڪراچي کان 4 ڏينهن اڳ ممبئي پورٽ تي پهتل هڪ لانچ جي تلاشي ورتي پئي وڃي، ممبئي پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته دهشتگردن لاءِ ڌماڪيدار مواد ۽ ٻيو سامان ان لانچ ذريعي پهچايو ويو هو. ڀارتي ميڊيا موجب دهشتگردن ۾ ڪجهه عورتون به شامل آهن، جيڪي هوٽل اندر موجود هيون. ڀارتي ميڊيا موجب فائرنگ ۽ ڌماڪن جي ذميواري دڪن مجاهدين نالي هڪ غير مقبول تنظيم قبول ڪئي آهي. مهاراشٽرا حڪومت جو چوڻ آهي ته في الحال ڪنهن کي ذميوار قرار ڏيڻ وقت کان اڳ جي ڳالهه آهي، جاچ بعد ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو. ڀارتي ميڊيا موجب دهشتگرد ڪارروائين ۾ پابندي وڌل تنظيمون لشڪر طيبه يا انڊين مجاهدين ملوث ٿي سگهن ٿيون ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هٿياربند هوٽلن ۾ آمريڪي ۽ برطانوي شهرين جي ڳولا ۾ هئا، جڏهن ته انهن هوٽلن ۾ انڊين چئمپين ليگ جي 7 ٽيمن کي به رهڻو هو. مهاراشٽرا جي وڏي وزير رائو ديش مُکُ پانڊي ۽ نائب وڏي وزير آر آر پٽيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دهشتگرد رات جو نائين وڳي سمنڊ رستي ٻَيڙِين وسيلي ممبئي پهتا ۽ مختلف هوٽلن ۾ ترسيا. وڏي وزير چيو ته عوام پرامن رهي جڏهن ته واقعي جي جاچ جون سموريون حقيقتون اڄ تائين عوام جي سامهون پڌريون ڪيون وينديون. هن اعلان ڪندي چيو ته اڄ ممبئي جا سمورا تعليمي ادارا بند رهندا جڏهن ته سرڪاري آفيسون معمول موجب کليل رهنديون.