3 نومبر ڪارو ڏينهن ملهايو ويو

وڪي اخبار کان
3 نومبر تي وڪيلن ۽ سياسي تنظيمن پاران ڪارو ڏينهن ملهايو ويو-----------زبير زرار منگي.....


اڳوڻي صدر پرويز مشرف پاران 3 نومبر تي عدليا تي هنيل راتاهي خلاف بلوچستان کانسواءِ ٽن صوبن ۾ وڪيل ڪارو ڏينهن ملهائيندي احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن، علي احمد ڪرد چيو آهي ته حڪومت پاران ڳالهين جي آڇ ٿي آهي، سڀ وڪيل اجازت ڏيندا ته ڳالهيون ڪنداسين. وڪيل تنظيمن جي سڏ تي لاهور ۾ وڪيلن هاءِ ڪورٽ کان ميان اسلم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مارچ ڪري گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

اسلام آباد ۾ وڪيلن سپريم ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.

ڪراچي جي سٽي ڪورٽ، ملير ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. ڪراچي بار ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وڪيلن سٽي ڪورٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ايم اي جناح روڊ تي ڌرڻو هنيو ، ملير جي وڪيلن مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. پشاور،نوابشاهه،حيدرآباد،دادو،عمرڪوٽ،گمبٽ،نوشهروفيروز، ڪنڌڪوٽ، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن صدر علي احمد ڪرد چيو آهي ته حڪومت پاران ڳالهين جي آڇ ٿي آهي ۽ جڏهن سمورا وڪيل اجازت ڏيندا ته حڪومت سان ڳالهيون ڪيون وينديون. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي احمد ڪرد چيو ته پاڪستان جو عوام وڪيلن جي تحريڪ سان گڏ آهي. هن چيو ته وڪيل چاهين ٿا ته 2 نومبر واري عدليا بحال ٿئي ۽ عدليا جي بحالي تائين سندن جدوجهد جاري رهندي.

----------------------

رٽائرڊ جسٽس راڻا ڀڳوان داس چيو آهي ته وڪيلن جي تحريڪ ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ عدليه تي ڪيل وار خلاف وڪيل ۽ عوام گڏ آهن، هٽايل چيف جسٽس جي ترجمان اطهر من الله چيو آهي ته صدر آصف زرداري بينظير ڀٽو جي عدليه جي آزادي واري واعدي تي عمل نه ڪري قوم سان غداري ڪئي آهي. ملير بار ۾ وڪيلن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي راڻا ڀڳوان داس چيو ته جن لالچ ۾ اچي عدليه جي تحريڪ سان بيوفائي ڪئي، انهن کي شرمندگي ٿيندي. هن چيو ته جنهن ماڻهو 8 سال حڪومت ڪئي، اقتصادي نظام تباهه ڪيو، جمهوريت کي پيرن هيٺان لتاڙيو ۽ عدليه تي بار بار وار ڪيا، ان کي تمام گهڻو غرور هيو، جنهن جو حشر سڀني جي سامهون آهي. آمر جي پيروي ڪندڙن جو به حشر خراب ٿيندو، حڪومت جي خاموشي باوجود قوم نظام تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ نظام تڏهن تبديل ٿيندو، جڏهن عدليه آزاد هوندي. راڻا ڀڳوان داس چيو ته افتخار چوڌري ضرور بحال ٿيندو ۽ هو واضح ڪري ٿو ته وڪيلن جي تحريڪ ضرور ڪامياب ٿيندي. رٽائرڊ جسٽس وجيهه الدين ڪراچي بار کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اڄ تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، جيڪو ڪڏهن به وساري نٿو سگهي. هن چيو ته 3 نومبر تي هڪ آمر اقتدار کي بچائڻ لاءِ عدليه ۽ ميڊيا تي وار ڪيو. هٽايل چيف جسٽس جي ترجمان اطهر من الله چيو آهي ته پ پ حڪومت بينظير ڀٽو جي وصيت تي عمل ڪندي جسٽس افتخار چوڌري سميت عدليه کي بحال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته صدر آصف زرداري بينظير جي وصيت کان منهن موڙي ڇڏيو آهي، جيڪو عمل قوم سان غداري برابر آهي.