Wikinews:Writing an article

وڪي اخبار کان

خدمت ۾ جناب غوث محمد ڀٽي صاحب، صدر پاڪستان پيپلز پارٽي، پي ايس49 لطيف آباد ، حيدرآباد. عنوان _ ڳوٺ باغ حاجي ڀٽي، ڳوٺ الهڏتو چانڊيو، ڳوٺ باقر ڀٽي، حيدري ٽائون ۽ ڳوٺ رياض ٿهيم جي سيوريج نالَي جِي اسڪيم لاءِ فنڊ جي منظوري لاءِ اپيل. جناب اعلي!

             گذارش ته ڳوٺ باغ حاجي ڀٽي، ڳوٺ الهڏتو چانڊيو، ڳوٺ باقر ڀٽي ۽ ڳوٺ رياض ٿهيم سنڌي آبادي جا قديم ترين ڳوٺ آهن ۽ ڳوٺ الهڏتو چانڊيو جو ذڪر ، برطانوي دور ۾ ڇپيل، سِمٿ جي گزيٽيئر آف سنڌ ۾ آيل آهي. هنن ڳوٺن جي مجموعي آبادي 10000 جي قريب آهي، هر آزمائش جي گهڙي ۾ هتان جي ماڻهن پ پ پ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ڪڏهن به پ پ پ کان جدا ناهن ٿيا. هنن ڪڏهن به وفاداري ناهي مَٽِي.  هي سڀ ڳوٺَ پاڪستان پيپلز پارٽِي جي بينر هيٺ جمع ٿيل آهن.  اِهو ئي  سبب آهي ته هتان پارٽي کي 100فيصد ووٽ ملندا رهيا آهن. اوهان کي خبر آهي ته ڊڪٽيٽر شپ ۽  فوجي راڄ وارين حڪومتن ۾ هتان جي باشندن ۽ ڳوٺن کي ترقياتي اسڪيمن کان خارج ڪيو ويندو رهيو آهي، ڇو ته هنن ڳوٺن هميشه هر محاذ تي پ پ پ جي حمايت ڪئي پي هوندي آهي. گذريل مڪاني اليڪشن ۾ هتي جي علائقي واسين يوسي سطح تي عوام دوست ناظم خان محمد چانڊيو کي انتهائي سخت مقابلي سان ڪامياب ڪرايو، نتيجي ۾ ڊسٽرڪٽ حڪومت اسان تي ڏمرجي پئي ۽ اسان جِي يوسي 15 لطيف آباد کي ڪوبه ترقياتي فنڊ نه ڏنو ويو. ڊسٽرڪٽ حڪومت، تعصبانه ۽  غير جمهوري رويو اختيار ڪيو ۽  اسان کي ڪنهن به فلاحي ڪم ۾ شامل نه ڪيو ويو، نتيجي ۾ هتان جا علائقي واسي  ڏک  ۽  ڪاوڙ واري ڪيفيت  ۾ گذارين ٿا، ۽ اها ڄاڻ  اوس  اوهان
 کي  پڻ  هوندي. 
                  اوهان کي اها به ڄاڻ هوندي ته هتي جي علائقي واسين، هر سطح تي هن ڳوٺن لاءِ سيوريج سسٽم جي بحالي ۽ مرمت لاءِ اختيارين کي لکت ۾ توڙي زباني وڏي عرصي کان گذارش ڪندا آيا هُئا، پر کين پنهنجي ديس ۾ پرائو ٿِي رهڻو ٿَي پيو. انصاف گهرڻ لاءِ، پ پ وارن لاءِ ڪُلي طور تي دروازا بند هئا. خاص طور ارباب دور ۾ هتان جي ماڻهن کي مار کائڻي پئي. ديهه گھانگهرا، جيڪو يوسي جيڏو ۽ جهڙو  علائقو آهي، تنهن کي ٻه حصا ڪري، هڪ حصو لطيف آباد ۾ ۽ ٻيو حصو سٽي حيدرآباد ۾ شامل ڪيو ويو ته جيئن، هتان پاڪستان پيپلز پارٽي جي قوت ختم ڪئي وڃي، پر پوءِ به اوهان جي عزت لائق قيادت، پارٽي جي قوت کي ختم ٿيڻ نه ڏنو، سڄ پڄ ته اها گهڙي اوهان ۽ اسان لاءِ آزمائش جي گھڙي هُئي.  اوهان جي رهنمائي ۽ شعورَ  اسان کي نت نئين قوت فراهم ڪئي. جنهن ڪري اسان سڀ پ پ پ جي جهنڊي هيٺمحترم سائين!  اوهان کي اها به ڄاڻ آهي ته هتان جي وڌندڙ آبادي جو وڏو مسئلو سيوريج ناليَ جو مسئلو آهي، هنن ڳوٺن جو سيوريج نالو وڏي عرصي کان تباهه ٿي ختم ٿي ويو آهي. ڳوٺن جي زميني سطح هيٺ ۽ سيوريج نالَي جي سطح مٿي هوڻ ڪري، سيوريج جو گندو پاڻي گھرن ۽ اسڪولن ۾ داخل ٿيو پئي، ۽ انهي سيوريج جي پاڻي اسڪولن جي عمارتن کي نا تلافي نقصان پهچايو آهي. اهو گندو پاڻي ٻاروهي ئي روڊ تي بيٺو رهي ٿو، جنهن ڪري اُتان گذرندڙ مردن ، زائفائن ۽ اسڪولي ٻارن کي شديد پريشان ٿيڻو پئي ٿو ۽  سنڌي ٻولي جي نامياري عالم شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو هتي روضي هوڻ ڪري سندس مزار تي ايندڙ  زائرين کي، اهو گندو پاڻي اچ وڃ  ۾ تڪليف ڏئي ٿو. مطلب ته اهو سيوريج جو گندو پاڻي خاص ڪري علائقي واسين ۽ حيدرآباد ضلعي جي ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ ۽ عام مسافر  ماڻهن لاءِ جيءَ جو جنجال بڻجي ويو آهي. هن سيوريج نالي جون اسٽيميٽون ته ٺاهيون ته وڃن ٿيو پر اڃان تائين ڪوبه  ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو ويو.                                                                                                                       تنهنڪري اوهان کي گذارش آهي ته هن ڳوٺن جي سيوريج نالي جي فنڊ سميت اسڪيم منظور  ڪرائي ڏيندا ته ڳوٺن سان پارٽي جي واعدي جي تڪميل ٿي سگهي ۽ هن ڳوٺن جي باشندن مان پريشاني ۽ بي چيني دُورفقط عرضدار ٿي سگهي.           فقط

عبدالعزيز چانڊيو عرف شِينهن سينيئر ميمبر پاڪستان پيپلز پارٽي ڳوٺ الهڏتو چانڊيو ، يوسي15لطيف آباد پي ايس 49 حيدرآباد محمد امين ڀٽي سينيئر ميمبر پاڪستان پيپلز پارٽي ڳوٺ باغ حاجي ڀٽي يوسي15لطيف آباد پي ايس 49 حيدرآباد شاهد علي چانڊيو سينيئر ميمبر پاڪستان پيپلز پارٽي ڳوٺ الهڏتو چانڊيو ، يوسي 15 لطيف آباد پي ايس 49 حيدرآباد 0346 _3839281 فون

عرضدار                                                                                                             گڏ ٿيل آهيون.