اسرائيلي فوج فلسطيني علائقي غزه مان هڪ هفتي بعد موٽي وئي، فوجي ترجمان

وڪي اخبار کان

خبرن مطابق فلسطيني علائقي غزه ۾ اسرائيلي فوج پاران هفتو جاري رهندڙ آپريشن ختم ڪيو ويو آهي ۽ فوج موٽي وئي آهي.

اسرائيلي فوجي ترجمان مطابق غزه جي علائقي بيت جنون جو آپريشن ختم ٿي چڪو آهي ۽ گذريل رات فوجي علائقي مان نڪري ويا آهن. جڏهن ته غزه پٽي ۾ فوج نيون پوزيشنون سنڀالي ورتيون آهن. ياد رهي ته ان آپريشن ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي ويا هئا.

ذريعا