اسلام آباد ۾ راڪيٽ آڻڻ جي الزام هيٺ برگيڊئر جي پٽ سميت ٽي گرفتار

وڪي اخبار کان

24 آڪٽوبر 2006

اسلام آباد ۾ راڪيٽ آڻڻ جي الزام هيٺ برگيڊئر جي پٽ سميت ٽي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن. مذڪوره راڪيٽ صدر مشرف جي رهائشگاهه، پارليامينٽ ڀرسان ۽ آءِ ايس آءِ آفيس ڀرسان پڪڙيا ويا هئا.

چيو ويو آهي ته ٽنهي کي هڪ ٽويوٽا گاڏي مان گرفتار ڪيو ويو. راڪيٽ آڻڻ جي الزم ۾ هن وقت تائين يارنهن ماڻهو گرفتار ٿي چڪا آهن.

مقامي اخبارن ايئر فورس جي حوالي سان خبرون شايع ڪيون هيون ته ايئر فورس جي حاضر سروس ملازمن جون گرفتاريون ٿيون آهن پر ايئر فورس جي ذريعن ان جي ترديد ڪئي آهي.

ذريعا