اسلام آباد ۾ پاڪستاني عورت طرفان جوهانسبرگ موڪليل هيروئن جهلجي پئي، مائي فرار

وڪي اخبار کان

1 نومبر 2006

هڪ عورت پاڪستان مان ڏکڻ آفريڪا جي شهر جوهانسبرگ ڏانهن هيروئن موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي. اسڪيننگ کان پوءِ هيروئن پڪڙجي پئي جڏهن ته اها عورت موقعي تان فرار ٿي وئي.

ذريعن مطابق اها عورت فيڊڪس جي ڪوريئر سروس ذريعي 400 گرام هيروئن جوهانسبرگ موڪلڻ لاءِ اداري کي ڏني. اداري جي ماڻهن کي شڪ ٿي پيو ۽ انهن عورت کان پڇا ڳاڇا شروع ڪئي جنهنڪري عورت موقعي تان فرار ٿي وئي. عملي جڏهن لفافي جي اسڪيننگ ڪئي ته کين معلوم ٿيو ته لفافي ۾ هيروئن آهي. ان عورت جي باري ۾ ڪابه معلومات نه ملي سگهي آهي ته اها ڪير هئي.

ذريعا