افغانستان جي ٻن ڪمانڊرن وچ ۾ شديد ويڙهه، 32 ڄڻا مارجي ويا

وڪي اخبار کان

23 آڪٽوبر 2006

افغانستان جي ٻن ڪمانڊرن وچ ۾ شديد ويڙهه سبب گهٽ ۾ گهٽ 32 ماڻهو مارجي ويا آهن. اها ويڙهه ان وقت شروع ٿي جڏهن هڪ ڪمانڊر ٻئي جي علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس ذريعن مطابق ان ويڙهه جي نتيجي ۾ 40 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. ويڙهه لڳ ڀڳ پنج ڪلاڪ جاري رهي. حڪومت طرفان اسلحو واپس وٺڻ جي مهم پڻ هلائي وئي هئي پر اها صحيح طور ڪامياب نه ٿي سگهي هئي.

ذريعن مطابق اهڙي صورتحال مان طالبان اهو فائدو وٺن ٿا ته سندن دور ۾ اهڙي قسم جي ويڙهه نه ٿيندي هئي.

ذريعا