افغانستان ۾ موجود نيٽو فوج پاران ستر ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا

وڪي اخبار کان

29 آڪٽوبر 2006

افغانستان ۾ موجود نيٽو فوج پاران ڏکڻ ارزگان صوبي ۾ ستر ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي.

چيو ويو آهي ته ترين ڪوٽ جي اتر ۾ نيٽو جي هڪ ڪيمپ تي ڏيڍ سو کان وڌيڪ ويڙهاڪن حملو ڪري ڏنو جنهن کان پوءِ نيٽو فوج هوائي جهازن ذريعي جوابي ڪاروائي ڪئي.

نيٽو مطابق هڪ ٻئي واقعي ۾ نيٽو جو هڪ فوجي مارجي ويو آهي. جڏهن ته اٺ زخمي ٿي پيا آهن.

ذريعا