افغانستان ۾ هڪ پاڪستاني سميت ڇهه دهشتگرد گرفتار، اتحادي فوجي ذريعا

وڪي اخبار کان

6 نومبر 2006

ذريعن مطابق افغانستان جي صوبي خوست ۾ ڇهن ويڙهاڪن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ القائده جو ڄاتل دهشتگرد شامل آهي.

خبرن موجب گرفتار دهشتگرد سان گڏ ٻين پنج ماڻهن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن مان هڪ پاڪستاني ۽ هڪ عرب آهي.

ذريعن مطابق وٽائن هينڊ گرنيڊ ۽ اي ڪي 47 رائيفل وغيره هٿ ڪيا ويا. انهن وٽان هڪ وڊيو پڻ هٿ آئي آهي. ڪيترائي ٻيا طالبان ۽ پاڪستاني پڻ خوست صوبي مان گرفتار ڪيا ويا آهن جيڪي بارڊر جي آرپار ويندا رهيا آهن.

ذريعا