انڊونيشيا ۾ هڪ مسافر هوائي جهاز ڪري تباه، 12 ماڻهو فوت ٿي ويا

وڪي اخبار کان

19 نومبر 2006

انڊونيشيا جي هڪ ڏورانهين صوبي ۾ هڪ ننڍو مسافر جهاز ڪري تباه ٿي ويو آهي جنهن ۾ 9 مسافر ۽ 3 جهاز جي عملي جا ماڻهو سوار هئا خدشو آهي ته ڪرڻ کان پوءِ جهاز ۾ سوار سمورا ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.

سرڪاري ذريعن موجب جهاز جي ڪريل ملبي مان ظاهر آهي ته ان ۾ سوار سمورا ماڻهو مري ويا هوندا. ريسڪيو هيلي ڪاپٽر ان علائقي ڏانهن روانا ٿي ويا آهن.

ذريعا