ايم ايم اي طرفان عورتن بابت بل جي منظوري جي صورت ۾ استعفا جي ڌمڪي
وڪي اخبار کان
29 آڪٽوبر 2006
ايم ايم اي وومن پروٽيڪشن بل جي اسيمبليءَ مان منظوري جي صورت ۾ استعفا جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته حڪومتي ذريعن چيو آهي ته ان سان ڪوبه فرق نه پوندو.
چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ وومن پروٽيڪشن بل پيش ڪيو ويندو. حڪومتي ذريعن مطابق اهو بل وڏي اڪثريت سان پاس ٿي ويندو.
ياد رهي ته ان کان اڳ اهڙو بل پاڪستاني ڪشمير جي اسيمبلي اڳ ئي منظور ڪري چڪي آهي.
[ترميميو] ذريعا
- Govt not afraid of MMA threat, says Tariq Azeem
- WPB approved by Select Committee to be passed in next NA session: Dareshak