باجوڙ ايجنسي جي هڪ مدرسي تي پاڪستاني فوج جي بمباري، 80 ماڻهو مارجي ويا

وڪي اخبار کان

30 آڪٽوبر 2006

پاڪستان جي قبائلي علائقي باجوڙ جي هڪ مدرسي تي فوج طرفان بمباري جي نتيجي ۾ 80 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا آهن.

حڪومتي ذريعن مطابق مدرسو ويڙهاڪن جي تربيت گاه هو جتي پرڏيهي پڻ موجود هئا. پاڪستاني فوج جي ترجمان ميجر جنرل شوڪت سلطان مطابق ان مدرسي تي گهڻن ڏينهن کان نگراني ڪئي پئي وئي. اهو مدرسو دهشتگرد ڪاروائين لاءِ استعمال ٿي رهيو هو. پاڪستاني فوج وٽ ان جون پڪيون شاهديون هيون.

ذريعن موجب گن شپ هيلي ڪاپٽرن ۽ نشاني تي مار ڪندڙ هٿيارن سان ڪاروائي ڪئي وئي. چيو ويو آهي ته حملي ۾ تقريبن اسي ماڻهو مارجي ويا آهن. ان علائقي ۾ صحافين جي داخلا تي پابندي مڙهي وئي آهي.

ٻئي طرف ان واقعي خلاف احتجاج ڪندي سرحد جي هڪ وزير سراج الحق وزارت تان ۽ باجوڙ مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر هارون رشيد اسيمبلي ميمبرشپ تان استعفائن جو اعلان ڪيو آهي.

ذريعا