بارامولا ۾ 18 ڪشميري ويڙهاڪن ڀارتي فوج اڳيان هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا، سندن تعلق ٽن ويڙهاڪ تنظيمن سان آهي

وڪي اخبار کان

26 نومبر 2006

ٽن ويڙهاڪ تنظيمن سان وابسته 18 ويڙهاڪن بارامولا ۾ ڀارتي فوج اڳيان هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا آهن. جنوري کان هن وقت تائين هٿيار ڦٽي ڪندڙن جو تعداد 119 ٿي ويو آهي.

ذريعن مطابق هٿيار ڦٽي ڪندڙ ويڙهاڪن جو تعلق ٽن مختلف ويڙهاڪ تنظمين سان آهي جنهن ۾ پاڪستان حامي حزب الله پڻ شامل آهي. انهن فوج وٽ 10 اي ڪي رائيفل، 10 پسٽل، ڇهه موبائل فون ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ جمع ڪرايو.

چيو ويو آهي ته مذڪوره ويڙهاڪن ذريعي پختيون ثابتيون مليون آهن ته انهن کي پاڪستاني ڪشمير وٽان سکيا ڏئي اماڻيو ويو.

ذريعا