برساتن سبب آيل تباهيءَ لاءِ امداد طور ڪشمير حڪومت پاران امداد موڪلي وئي

وڪي اخبار کان

تازين برساتن سبب آيل تباهيءَ لاءِ امداد طور آزاد جمون ڪشمير حڪومت طرفان سنڌ لاءِ ٽن ٽرڪن تي مشتمل امدادي سامان موڪليو ويو آهي. موڪليل سامان ۾ خيما ۽ کاڌي جو سامان وغيره شامل آهي.

آزاد جمون ڪشير جي قائم مقام اسپيڪر اسيمبليءَ کي ٻڌايو ته سنڌ جي وڌيڪ امداد پڻ ڪئي ويندي.

ياد رهي ته گذريل 8 سيپٽمبر کان آيل برساتن حيدرآباد شهر کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، برساتن سبب ڪيترين ئي وچڙندڙ بيمارين منهن ڪڍيو آهي. سنڌ حڪومت اڳ ۾ ئي حيدرآباد جي شهرين جي امداد لاءِ ٻه سو ڪروڙ روپين جو اعلان ڪري چڪي آهي.

ذريعا