بم ڌماڪن ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ ”را“ ۽ ”موساد“ ملوث آهن، خوبصورت ڇوڪرين ذريعي ڪاروائيون ٿين ٿيون

وڪي اخبار کان

26 نومبر 2006

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٿيل دهشتگرد ڪاروائين ۽ بم ڌماڪن ۾ ڀارتي خفيه ايجنسي ”را“ ۽ اسرائيل جي خفيه ايجنسي ”موساد“ ملوث آهن.

اهڙو انڪشاف باخبر ذريعن ڪيو جن جو چوڻ هو ته ملڪ جي ڪجهه خفيه ادارن حڪومت ڏانهن اماڻيل هڪ رپورٽ ۾ اهڙو اظهار ڪيو آهي. رپورٽ مطابق مذڪوره خفيه ايجنسين جا ايجنٽ خوبصورت ڇوڪرين ۽ وڏين رقمن ذريعي مقامي ماڻهن کي پاڻ سان ملائي اهڙيون ڪاروائيون ڪن ٿا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هتي آيل دهشتگرد انهن خفيه ايجنسين جي دهشتگرد ڪيمپن مان سکيا حاصل ڪري ملڪ ۾ داخل ٿيا آهن انهن سان خوبصورت ڇوڪريون پڻ گڏ آهن.

ذريعا