بنگلاديشي ٽولي کي پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ سکيا ڏني، ڀارتي پوليس

وڪي اخبار کان

26 آڪٽوبر 2006

ڀارتي پوليس جي حوالي سان چيو ويو آهي ته انهن 18 ڄڻن تي مشتمل هڪ گروپ کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ٻه عورتون پڻ شامل آهن. شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ته انهن کي پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ سکيا ڏني.

ذريعن مطابق اهي سکيا ورتل ماڻهو ڀارت جي مختلف حصن ۾ ڏوهن جو وارداتون ڪندا هئا انهن علائقن ۾ جئيپور، چنديڳڙه ۽ امرتسر وغيره شامل آهن.

پوليس ذريعن دعوا ڪئي ته انهن وٽ پڪيون شاهديون آهن ته اهي پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ سان رابطي ۾ هئا.

ذريعا