بنگلاديش ۾ هڪ فيري جي ٻُڏي وڃڻ سبب 15 ماڻهو مري ويا، 35 لاپته

وڪي اخبار کان

23 آڪٽوبر 2006

بنگلاديش ۾ هڪ فيري جي ٻُڏي وڃڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 15 ماڻهو مري ويا آهن جڏهن ته 35 ماڻهو لاپته ٿي ويا.

چيو ويو آهي ته فيري ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو ويٺل هئا جنهن سبب اهو حادثو پيش آيو. اهو واقعو ميگهنا ندي ۾ ڍاڪا کان 40 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف پيش آيو جڏهن ماڻهو عيدالفطر ملهائڻ لاءِ پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي رهيا هئا.

فيري کي ندي جي 60 فٽ اونهائيءَ مان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. ان وقت فيري مان ڪي به لاش نه نڪتا.

ذريعا