تيرهن مهينن بعد جيئي سنڌ متحده محاذ جي ٻن اڳواڻن جي گرفتاري ظاهر

وڪي اخبار کان

9 نومبر 2006

تيرهن مهينن کان پوءِ جيئي سنڌ متحده محاذ جي ٻن لاپته اڳواڻن کي ظاهر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته سياسي پارٽيون پنهنجي احتجاجن ۾ اهو الزام لڳائينديون رهيون هيون ته اڳواڻن کي پاڪستاني خفيه ايجنسيون کڻي ويون آهن.

جيئي سنڌ متحده محاذ جي ستار هڪڙو ۽ مظفر ڀٽو کي ڄامشور پوليس ظاهر ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هنن وٽان ٻه پسٽل هٿ آيا آهن. اهي ٻئي ڄڻا تخريبڪاري ۾ ملوث رهيا آهن. پوليس جي دعوا آهي ته هنن کي سنڌو درياءَ وٽان گذرندڙ گيس پائپ لائن کي اُڏائڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ڪيو ويو.

پوليس ٻنهي اڳواڻن جو ريمانڊ حيدرآباد جي عدالت مان حاصل ڪري ورتو آهي. مظفر ڀٽو ڄامشور پاور هائوس ۾ سب انجنيئر هو. ستار هڪڙو بيروزگار هو.

ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ چار ٻين قومپرست سياسي ڪارڪنن کي پڻ ظاهر ڪيو ويو هو جن جي باري ۾ چيو پئي ويو ته اهي خفيه ايجنسين جي تحويل ۾ آهن. پوليس انهن کان اڳ نواز خان، سڪندر سومري، احمد خان تيوڻو ۽ ذوالفقار کي پڻ ساڳي ڊرامائي انداز ۾ ظاهر ڪري چڪي آهي.

ذريعا