خون جي بدلي 3 سالن جي ٻارڙي فريادي ڌر حوالي، جرڳي جو فيصلو پ پ جي قمبر لغاري ڪيو

وڪي اخبار کان

10 نومبر 2006

سپريم ڪورٽ دادو ۾ ٿيل هڪ جرڳي جي فيصلي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي جنهن ۾ خون جي بدلي هڪ 3 سالن جي ٻارڙي کي ڏنڊ طور فريادي ڌر حوالي ڪيو ويو هو.

ذريعن مطابق اهو جرڳو ڪجهه ڏانهن اڳ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر قمبر لغاري جي اڳواڻي ۾ ٿيو. جنهن ۾ 35 سالن جي زهرا خاتون جي ٿيل خون جي بدلي ۾ هڪ 3 سالن جي ٻارڙي نوران کي معاوضي طور فريادي ڌر حوالي ڪيو ويو.

ڪورٽ دادو پوليس کي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن. پوليس انهن سمورن ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا آهن جن جرڳي ۾ شرڪت ڪئي. شريڪ ٿيلن ۾ پ پ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر قمبر لغاري، ڪائونسلر لياقت چانڊيو، غلام سرور چانڊيو، عطا چانڊيو ، سڪندر چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن.

ذريعا