ريڊ ڪراس جي بين الاقوامي ڪاميٽي کي دهشتگردي جي روڪ بابت آمريڪي بل تي تشويش

وڪي اخبار کان

20 آڪٽوبر 2006

ريڊ ڪراس جي بين الاقوامي ڪاميٽي تازي منظور ڪيل دهشتگردي جي روڪ واري آمريڪي بل تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڪاميٽي جي صدر سوال اُٿاريو آهي ته آمريڪا جنيوا ڪنوينشن تحت جنگ واري معاهدي جي خلاف ورزي ته نه ڪندو.

نئين قانون مطابق حراست ورتل ماڻهن لاءِ سندن حقن بابت اشارا ملن ٿا پر هو پنهنجي گرفتاري کي چيلينج نٿا ڪري سگهن.

ياد رهي ته اهو قانون سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي جي روشني ۾ جوڙيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته گوانٽانامو بي ۾ قيدين تي مقدما قائم ڪرڻ بين الاقوامي ۽ آمريڪي قانون جي خلاف ورزي آهي.

ذريعا