سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر آثم ناٿن شاهي لاڏاڻو ڪري ويو

وڪي اخبار کان

سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر آثم ناٿن شاهي 73 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سنڌي ادبي سنگت طرفان آثم ناٿن شاهي جي لاڏاڻي تي ٻه ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

آثم ناٿن شاهي جي وفات سندس ڪراچي واري گهر ۾ ٿي، مرحوم ڪافي عرصي کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو.

هن لڳ ڀڳ 44 ڪتاب لکيا پر انهن مان صرف ٽي ڪتاب ڇپجي سگهيا، سنڌي ادبي بورڊ ڪجهه ڏينهن اندر سندس هڪ ڪتاب ڇپڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ذريعا

  • ڪي ٽي اين نيوز
  • سنڌ ٽي وي نيوز