سنڌ جي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ خلاف 7 نومبر تي احتجاج جو اعلان

وڪي اخبار کان

2 نومبر 2006

اينٽي ٿل ڪينال ۽ ڪالاباغ ڊيم ايڪشن ڪاميٽي سنڌ جي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ خلاف 7 نومبر تي احتجاج طور ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪاميٽي اهو پڻ اعلان ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم لاءِ زمينون خريد ڪرڻ خلاف لاڙڪاڻي ۾ هڪ ريلي 28 نومبر تي ڪڍي ويندي.

ايڪشن ڪاميٽي فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ مخالف پاليسين خلاف تحريڪ کي تيز ڪيو ويندو.

ذريعا