سنڌ نيشنل پارٽي پاران ڊيمن جي اڏاوت ۽ ٻيٽن جي وڪري خلاف پهرين ڊسمبر تي احتجاج جو اعلان

وڪي اخبار کان

18 نومبر 2006

سنڌ نيشنل پارٽي جي سربراه امير بخش ڀنڀري چيو آهي ته ڊيمن جي اڏاوت ۽ ٻيٽن جي وڪري خلاف پهرين ڊسمبر تي پارٽي پاران احتجاج ڪيو ويندو.

حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پهرين ڊسمبر تي احتجاج ڪيو ويندو جڏهن ته 3 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ تاريخي ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويندو.

هن چيو ته پارٽي جي ڪارڪنن خلاف بيجا وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي آهي پر پارٽي جي ڪارڪنن کي اهو رياستي ظلم جهڪائي نٿو سگهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي جدوجهد سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جاري رهندي.

ذريعا