سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابندي جو مطلب آهي ملڪ ۾ صحافت آزاد نه آهي، سنڌ ۾ پابندي خلاف مظاهرا جاري

وڪي اخبار کان

14 نومبر 2006

سنڌ ٽي وي تي پيمرا طرفان بنا جواز ۽ اوچتي پابندي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا جاري آهن. سنڌ جي سمورن سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تنظيمن سرڪار جي اهڙي فيصلي کي آزاد صحافت تي وار سڏيو آهي.

ذريعن مطابق سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌ ٽي وي تي پابندي خلاف مظاهرا ٿيڻ جا اطلاع آهن. سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جهڙوڪ، ميهڙ، ٿرڙي محبت، مٺياڻي، سيوهڻ، هڱورجا، نوابشاهه، ميرپور خاص، مورو، ميرپور ماٿيلو، واهي پانڌي سميت مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

مظاهرن، احتجاجن، بک هڙتالن، ڌرڻن کي اڳواڻن خطاب پڻ ڪيو. مظاهرين گڏيل طور حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته بنا دير سنڌ ٽي وي جي نشريات تان پابندي هٽائي سنڌين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

ذريعا