سنڌ ۾ وڌندڙ اغوائون۽ نوان جاري ڪيل انگ اکر

وڪي اخبار کان
سنڌ ۾ اغوا جون وارڌاتون زور پڪڙي رهيون آهن.....زبير زرار منگي
  خيرپور جي ناري تعلقي مان اغوا ٿيل 3 واپارين کي پوليس بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي سنڌ جي مختلف علائقن مان ٻن عورتن سميت اغوا ٿيل 16 ڄڻا اڃا تائين هٿياربندن وٽ يرغمال بڻيل آهن. 

تعلقي ناري جي ڳوٺ گلاب چانگ مان 3 مهينا اڳ اغوا ٿيل واپاري ڪُندن لال، وِڪِي ڪمار ۽ نندو مل کي پوليس شڪارپور ويجهو بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس شڪارپور مان ٽنهي مغوين کي خيرپور آڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪرائي. ڪراچي جي ڊي ايڇ اي واري علائقي مان فلم ڪمپني جي مالڪ ستيش آنند کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن. ٺٽي ضلعي جي شهر ٻيلي لڳ اغوا ٿيل منظور سولنگي ۽ آفتاب زنئور کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. جيڪب آباد مان دليپ ۽ سنگيت نالي ٻه نوجوان گم ٿي ويا آهن، جن جي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. مديجي ويجهو هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل فيض محمد بروهي به اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي. گهوٽڪي ضلعي مان اغوا ٿيل گل محمد عباسي کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. خيرپور ضلعي جي شهر گمبٽ ويجهو 2 هفتا اڳ اغوا ٿيل طارق ڪولاچي، عبدالقادر سهتو، سڪندر سهتو ۽ ضمير گهمرو جو به اڃا تائين ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي. لاڙڪاڻي شهر مان اغوا ٿيل سلميٰ شيخ ۽ رتوديرو ويجهو وڏا ٻوسڻ مان اغوا ٿيل ساجد ٻوسڻ جي بازيابي لاءِ پوليس ڪي به ڪوششون نه ورتيون آهن. نوشهروفيروز ضلعي جي شهر مٺياڻي مان سڱاوتي تڪرار تان اغوا ٿيل ريشمان مگسي به اڃا تائين واپس نه ٿي آهي. سکر مان اغوا ٿيل ڊاڪٽر وجي ڪمار ۽ پنو عاقل مان اغوا ٿيل نينگر به اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيا آهن. مغوين جي وارثن پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوس ٿي مغوين جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.