سينئر سنڌين پاران سنڌي اسپيڪنگ يونين قائم، سڄي دنيا جا سنڌي ميمبر ٿي سگهندا

وڪي اخبار کان

ڪراچي ۾ آبادگار ايسوسيئشن جي غلام نبي مورائي جي رهائشگاهه تي سينئر سنڌين جي اجلاس ۾ ”سنڌي اسپيڪنگ يونين“ قائم ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ سڄي دنيا جا سنڌي ميمبر ٿي سگهندا.

ان اجلاس ۾ حسين هارون، مجيب پيرزادي، شمشيرالحيدري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌي اسپيڪنگ يونين جي پهرين باڊي چونڊي وئي جنهن تحت چيئرمين قمر شهباز ۽ سيڪريٽري جنرل غلام نبي مورائي کي ڪيو ويو.

اها تنظيم بين الاقوامي طور تي ڪم ڪندي ۽ دنيا جي هر خطي سان وابسته سنڌي هن تنظيم جا ميمبر ٿي سگهندا.

ذريعا

  • سنڌي ٽي وي چينل ”ڪي ٽي اين“ نيوز
  • سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“ نيوز