صدر مشرف عورت تحفظ بل تي صحيح ڪري ڇڏي، سموري ملڪ ۾ نئون قانون لاڳو ٿي ويو

وڪي اخبار کان

1 ڊسمبر 2006

پاڪستان جي صدر جنرل پرويز مشرف قومي اسيمبلي مان پاس ٿيل حدود ترميمي بل المعروف عورت تحفظ بل تي صحيح ڪري ڇڏي آهي هاڻ اهو بل سموري ملڪ جي قانون جو حصو بڻجي چڪو آهي.

ان بل تي متحده مجلس عمل کي سخت اعتراض هو جنهنڪري اهي اسيمبلين تان استعيفائن ڏيڻ جو ڌمڪيون پڻ ڏيندا رهيا آهن. ان بل جي باري ۾ ايم ايم اي جو موقف آهي ته ان ۾ غير اسلامي شقون شامل آهن جڏهن ته حڪومت سندن دعوا کي رد ڪندي رهي آهي.

وفاقي وزير شيرافگن چيو آهي ته صدر جي صحيح بعد اهو بل نئين قانون طور لاڳو ٿي چڪو آهي. ان بل سان عورتن جي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

ذريعا

Pakistan leader signs amended rape law