ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنسي ڏاڍائي جو ٻيو واقعو ظاهر، زوري حمل ضايع ڪرايو ويو

وڪي اخبار کان

7 نومبر 2006

خانواهڻ جي هڪ ناري منظوران ڌي محمد حسين لوچي کي جوبدار رفيق لوچي گهر ۾ ڪم ڪرڻ جي بهاني گهرائي ساڻس جنسي زيادتي ڪئي.

خبر ۾ چيو ويو آهي ته ناري کي خاموش رهڻ جو چيو ويو ٻي صورت ۾ کيس قتل جون ڌمڪيون ڌنيون ويون. ناري کي جڏهن حمل ٿيو ته اهو حمل پڻ زوري گوريون کارائي ضايع ڪرايو ويو.

ذريعن موجب منظوران پنهنجي پيءَ ۽ مامي سان گڏ ڊي پي او آفيس آڏو احتجاج ڪيو. ڊي پي او پوليس کي جاچ جون هدايتون ڪيون آهن.

منظوران صحافين کي ٻڌايو ته ساڻس جنسي زيادتي ڪئي وئي بعد ۾ حمل پڻ ضايع ڪرايو ويو.

ذريعا