ضلعي ڪائونسل مٽياري سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ خلاف رٿ منظور ڪري ورتي، اها سنڌين سان ناانصافي آهي

وڪي اخبار کان

27 نومبر 2006

ضلعي ڪائونسل مٽياري اڪثريت راءِ سان سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ خلاف رٿ منظور ڪري ورتي آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته اهڙو فيصلو سنڌين سان ناانصافي تي ٻڌل آهي.

اجلاس کي خطاب ڪندي ڪائونسلرن چيو ته ٻيٽن تي سنڌي ماهيگيرن جو حق آهي. ٻيٽن جو وڪرو ماهيگيرن توڙي سنڌين سان ناانصافي آهي. عورت ميمبر فردوس ابڙو اهڙي رٿ پيش ڪئي جنهن جي اڪثر ميمبرن حمايت ڪئي.

ذريعا