عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 68 ماڻهو مارجي ويا، واقعا صدام جي ڦاهي کان ڪجهه دير پوءِ ٿيا

وڪي اخبار کان

30 ڊسمبر 2006

عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 68 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. ياد رهي ته صدام حسين کي ڏنل ڦاهي کان ڪجهه ڪلاڪن بعد اهي واقعا ٿيا.

ٻئي طرف اهي اطلاع پڻ آهن ته ڇهه آمريڪي فوجي پڻ مارجي ويا آهن. چيو ويو آهي ته ڊسمبر 2006ع گذريل ٻن سالن بعد آمريڪي فوج لاءِ سڀ کان بدتر مهينو ثابت ٿيو آهي.

ذريعن موجب بغداد جي شيعه اڪثريتي علائقن ۾ بم ڌماڪا ٿيا جتي ايڪٽيهه ماڻهو مارجي ويا. ٻئي طرف اهو پڻ چيو ويو آهي ته صوبي انبار ۾ آمريڪي فوجن ۽ فسادين وچ ۾ جهڙپون جاري آهن.

ذريعا