عراق ۾ ٻن آمريڪي فوجين سميت 58 ماڻهو مارجي ويا

وڪي اخبار کان

31 آڪٽوبر 2006

عراق ۾ ٻن آمريڪي فوجين سميت گهٽ ۾ گهٽ 58 ماڻهو مارجي ويا آهن. مذڪوره ٻه آمريڪي فوجي بغداد ۾ وڙهندي مارجي ويا آهن.

چيو ويو آهي ته 11 ماڻهو هڪ شادي جي تقريب دوران خودڪش ڪار بم حملي ۾ مارجي ويا. بغداد واري ان واقعي ۾ چار ٻارڙا پڻ مارجي ويا آهن.

اهڙي طرح عراق ۾ اڱاري ڏينهن مختلف واقعن ۾ مارجي ويل عراقين جو تعداد 56 ٻڌايو ويو آهي.

ذريعا