قومي اسيمبلي بلڊنگ اسلام آباد ڀرسان ٻه راڪيٽ پڪڙيا ويا
وڪي اخبار کان
عڪس:Pakistan Rocket.jpg
اسلام آباد مان ٻه راڪيٽ لڌا ويا
پاڪستان جي قومي اسيمبلي بلڊنگ ڀرسان بم ڊسپوزل عملي ٻن راڪيٽن کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو جيڪي اسيمبلي طرف سيٽ ڪيل هئا ۽ انهن کي موبائل فونن سان ڳنڍيو ويو هو.
خميس ڏينهن صبح جو انهن راڪيٽن کي ناڪاره بڻايو ويو. سرڪاري ذريعن مطابق راڪيٽ تباهي مچائيندڙ نه هئا پر شايد اهي هراس ۽ خوف پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ها. وڌيڪ چيو ويو آهي ته انهن جي باري ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي.