ماهيگيرن جي اتحاد طرفان ٻيٽن جي وڪري خلاف اثرائتي تحريڪ هلائڻ جو اعلان، 12 نومبر تي هزارين ماهيگير گڏبا

وڪي اخبار کان
ماهيگير مڇيون پڪڙيندي

9 نومبر 2006

ماهيگيرن جي اتحاد ٻيٽ بچايو روزگار بچايو طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته 12 نومبر تي ڀنڊاڙ ٻيٽ تي هزارين ماهيگير گڏ ٿيندا. گڏيل طور اهو اعلان پڻ ڪيو ويو ته 21 نومبر ماهيگيرن جي عالمي ڏينهن تي هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪراچي ۾ ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪيو ويندو.

اهي فيصلا ڪراچي ۾ گهرايل هڪ اجلاس دوران ڪيا ويا جنهن ۾ فشر فوڪ فورم، پاڪستان ماهيگير تحريڪ، ماهيگير سماجي سنگت، مورڙو ميربحر تحريڪ، فشرمين لاڙا جماعت، مسلم ماهيگير جماعت ۽ ٻين تنظيمن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ چيو ويو ته اهو رڳو ماهيگيرن نه پر سموري سنڌ جو مسئلو آهي جو سنڌ جي ملڪيت کي ڌارين حوالي ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن اعلان ڪيو ته جيستائين حڪومت پنهنجو فيصلو واپس نه وٺندي احتجاج جاري رهندو.

ذريعا