محراب پور ۾ چاليهه ساله عورت سان جنسي زيادتي، 9 ڄڻا گرفتار

وڪي اخبار کان

3 نومبر 2006

بي بي سي مطابق ضلعي نوشهرو فيروز جي شهر محراب پور ۾ هڪ 40 ساله عورت کي جنسي زيادتي جو نشانو بنايو ويو آهي. پوليس ذريعن مطابق گينگ ريپ جي الزام تحت 9 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

عورت کي ان وقت زيادتي جو نشانو بنايو ويو جڏهن هوءَ ٻنيءَ ۾ پنهنجي مڙس سان گڏ ڪم ڪري رهي هئي. چيو ويو آهي ته جوابدار عورت کي زوري ڀرسان موجود ڪنهن اوطاق ۾ کڻي ويا ۽ کيس جنسي حوس جو نشانو بنايو.

پوليس ذريعن چيو آهي ته جنسي زيادتي جو شڪار ٿيل شهزادي ناگور جي پٽ طرفان راڄپر برادري جي ڪنهن ڇوڪريءَ سان تعلق رکڻ تي ڇڪتاڻ ٿي هئي ۽ شهزادي پنهنجي پٽ پاران راڄپر برادري جي انهن ماڻهن کان معافي ورتي هئي ۽ بظاهر معاملو ٺهي ويو هو.

شهزادي ميڊيا کي ٻڌايو ته ساڻس زيادتي ٿي آهي، کيس مڙس جي سامهون جنسي زيادتي جو نشانو بنايو ويو. سندس چواڻي هوءَ جوابدارن جي ماءُ جي عمر جي آهي تڏهن به کين رحم نه آيو. شهزادي جي ابتدائي طبي چڪاس بعد جنسي زيادتي ۽ تشدد جي تصديق ٿي آهي.

ذريعا