واپارين پاران سارين جي اگهن ۾ گهٽتائي

وڪي اخبار کان

سارين جي اگهن ۾ گهٽتائي...واپارين جي هٿرادو بدمعاشي....----رپورٽ: زبير زرار منگي...

سنڌ ۾ سارين جي اگهه ۾ لاٿ اچڻ سبب آبادگارن سخت پريشان آهن، قمبر ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ٺٽي ضلعي اندر قائم ڏيڍ سئو رائيس ملز جي مالڪن ۽ واپارين پاران سارين جو اگهه 4 سئو 50 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ سبب آبادگارن کي سخت مالي نقصان رسيو آهي. ايڪسپورٽرن ۽ وڏن واپارين جي ملي ڀڳت سبب ضلعي ۾ قائم رائيس ملز ۾ پڻ سارين جا ڍير لڳي ويا آهن. زراعت کاتي جي حڪم باوجود پاسڪو پاران ٺٽي ۾ اڃا تائين سارين جي خريداريءَ لاءِ مرڪز قائم نه ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري ضلعي اندر زرعي بحران پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي. قمبر ۾ آبادگارن سارين جي اگهه ۾ لاٿ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. آبادگارن جو چوڻ آهي ته سارين جي اگهه ۾ لاٿ سبب کين مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.