پاڪستان طرفان اتر وزيرستان ۾ ڪيل امن معاهدي کان پوءِ طالبان مسئلو انتهائي وڌي ويو آهي، آمريڪي انٽيليجينس

وڪي اخبار کان

16 ڊسمبر 2006

آمريڪي انٽيليجينس چيو آهي ته جڏهن کان پاڪستان اتر وزيرستان جي قبائلين سان امن معاهدو ڪيو آهي ان وقت کان طالبان جون سرگرميون وڌي ويون آهن.

آمريڪي انٽيليجينس جي آفيسر وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان کي اڳي پوءِ ان مسئلي کي حل ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي قبائلي علائقن وٽان افغانستان ۾ القائده ۽ طالبان جون ڪاروائيون وڌي رهيون آهن.

ذريعن مطابق معاهدي کان پوءِ مذڪوره علائقي مان پاڪستاني فوج جي واپسي کان پوءِ قبائلي سردارن امن معاهدي تي عمل نه ڪيو آهي جنهنڪري مسئلا پيدا ٿيا آهن.

آفيسر مطابق پاڪستان ۾ طالبان ۽ القائده جي موجودگي افغانستان توڙي پاڪستان لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي.

ذريعا