پاڪستان مان ٿيندڙ دراندازي مان ڦاسي ويا آهيون، ڪارزئي جي قصوري سان ملاقات

وڪي اخبار کان

8 ڊسمبر 2006

افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي چيو آهي ته پاڪستاني علائقن مان ٿيندڙ دهشتگرد ڪاروائين مان ڦاسي ويا آهيون، هن اها ڳالهه پاڪستاني پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري سان ملاقات دوران چئي.

ذريعن مطابق هن وڌيڪ چيو ته افغانستان پاڪستان سان بهتر تعلقاتن جو خواهشمند آهي پر ان لاءِ وڏي رڪاوٽ پاڪستاني علائقن مان افغانستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪاروائيون آهن.

ياد رهي ته نيٽو فوج ۽ افغان سرڪار افغانستان ۾ وڌندڙ طالبان ڪاروائين لاءِ پاڪستان کي ذميوار مڃين ٿا جڏهن ته پاڪستان ان الزام کان انڪار ڪندو رهيو آهي.

ذريعا